اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي ??با??ڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??ئون سال ترقي ۽ خوشحالي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جو سال هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??لڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر نئين سال جي شروعات تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪندي چيو ته ??ئون سال پاڪستاني قوم جي لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کڻي اچي. هن چيو ته ??اڪستان جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪا??يا??ين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ض??ورت آهي. صدر زور ڏنو ته اچو نئين سال جي شروعات تي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام جي لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، الله تعاليٰ آڏو دعا آهي ته ??ئون سال ملڪ جي لاءِ ڪا??يا??ين جو سال هجي.