اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ اي??يا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام جو افتتاح ڪن??و. ??ن نظام جو مقصد ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وزيراعظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خودڪار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ پوري دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪن??و. ??وري ۾ وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير ??حم?? اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ به وزيراعظم سان گڏ آهن.