اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن، پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لينڊ جي لاءِ پا??ستان جي اعزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائ??ند?? ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ فن لينڊ – پا??ستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين بائيو وائما، وارسلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي اي اينڊ ميٽرو ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم چيو ته فن لينڊ ۽ پا??ستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ت?? يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي عمل ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد پا??ستان ۾ توانائي خاص طور تي سولر ??نرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪي??. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پا??ستان ۾ فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.