اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران پرڏي??ي وزير ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزارتي اجلاس جيڪو 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي. پاڪستان اجلاس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران پرڏي??ي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلان?? ان موقعي تي نوجوانن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته مشغوليت نوجوانن جي معاش??ي ۾ انهن جي اونرشپ وڌائي ٿي. هن عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.