اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن تي مسلسل قبضي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ ضلعي ڪشتواڙ ۾ 13 ماڻهن جي ملڪيتن جي تازي ضبطي پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قدم ڪشميرين جي زمينن ۽ ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي جاري ??هم جو حصو آهي ته جيئن ڪشميري عوام کي هراسان ۽ ڊيڄاري سگهجي ۽ انهن کي انهن جي سياسي نظرين جي سزا ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي ڪشميرين جي ملڪيتن تي قبضي جي جاري ??هم کي ختم ڪن ۽ هڪ قابض طاقت جي طور تي پنهنجي عا??مي ذميوارين جي پاسداري ڪن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير تڪرار جي منص??اڻ?? ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.