اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه ک??لڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگي جي فرو?? جي پاليسي موجب آهي. وزيراعظم ميڊيا هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تاريخي گورڌوارن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽر??ز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول سرونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏڻ ??ي موقعي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه ک??لڻ جو تاريخي قدم بابا گرو نانڪ جو نالو کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک بر??دري جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.