لاهور – 18 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوا?? جو نه ۽ اهڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ماضي ۾ مسئلن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪايو ويو، بلن ۾ اضافو هڪ مشڪل فيصلو آهي، هاڻي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ت??قي طرف گامزن آهي. هو لاهور پريس ڪ??ب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهي هئي.