سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بي??ني?? کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناه?? ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، اسان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار ج??ني?? جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن معاهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قرب??ني?? کي تسليم ڪيو آهي ان معاهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿي??دو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻي?? مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.