اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم ??ڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ??يگ??واٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم س?? ايف ڊي گئس ڏينداسين?? نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري?? نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آ??ا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم س?? ايف ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچ?? ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.