اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان سان الحاق ڏهاڙي جي تاريخي موقعي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ ڪيو. هي ڏ??نهن ڪشميرين پاران پاڪستان سان الحاق جي قرارداد جي منظوري ج?? ياد ۾ ملهايو وڃي ٿ??. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشميرين جو خودمختياري جو حق عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تحت تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ عوام والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي فاشسٽ ۽ هندو بالادستي تي يقين رکندڙ حڪومت جي غيرقانوني قدم ۽ بي رحماڻي ظلم جي خلاف سينو تاڻي بيٺل آه??. ا??ان حق ۽ انصاف جي ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون ۽ انهن کي انصاف ضرور ملندو.