اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجو??ه حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو ??هر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد مل??دي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پي??ا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي ??هر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي ??هر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي ??هر ٺاهڻ ۾ سهولت مل??دي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پي??ا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي شعبي سان واڳيل آهي.