لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي ??لوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ذريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وز??ر شفقت م??مود، ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر حماد اظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏي وز??ر سردار عثمان بوزدار، تعليم واري صوبائي وز??ر مراد راس، ناڻي واري صوبائي وز??ر مخدوم هاشم جوان بخت، ا??لا??ات واري صوبائي وز??ر فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائي وز??ر مراد راس اجلاس کي پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وز??راعظم ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي ذريعيئي ترقي ممڪن آهي. وز??راعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جهڙي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وز??راعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ جهڙي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي ??لو?? کي ختم ڪري سگهجي ٿو.