اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز وي??ٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ شيخ جي ه??اي??ن جي روشني ۾ اجلاس کي روز وي??ٽ هوٽل بابت معاملن جي باري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم جي صلاحڪار اهو معاملو منصفاڻي، انتهائي شفاف ۽ بهترين قومي مفاد ۾ حل ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي، هن روز وي??ٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي.