اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته موجوده حڪ??مت جي ترجيح ڪاروباري سرگرمين جو فروغ ۽ انهن کي ممڪن حد تائين مراعتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا ميسر ڪرڻ آهي، ڪاروبار سان جڙيل نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف شع??ن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪ??ر ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگ??ر ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري به شريڪ هو.