اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا طالبان ۽ اف??ان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ ا??م ڪردار ادا ڪيو، خطي جو مستقبل امن، ??عاون ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي، پاڪستان جي حڪومت فوج ۽ انٽيلي جنس ادارا اف??انستان ۾ تشدد جي خاتمي ۽ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڀارت سان دوستي جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت نظرياتي طور تي اسان جي خل??ف آهي ان لاءِ اسان جون ڪوششون نتيجن واريون نه ٿي سگهيون، ??فغان عوام جيڪا به حڪومت چونڊي پاڪستان ان سان گڏ لاڳاپا مضبوط ڪندو، اسان کي ماضي مان سبق سکي مستقبل طرف وڌڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن جي پاڪستان اف??ان واپار ۽ سيڙپڪاري فورم 2020ع جي اف??تاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.