اسلام آباد – 10 8211; جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته ماضي جي حڪومتن پهچ ۽ ورڇ تي ڌيان نه ڏنو، انهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو توانائي واري وفاقي ??زير عمر ايوب خان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بجلي جي پهچ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي افواهن جنم ورتو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنريشن تي ڌيان ڏنو ۽ پهچ ۽ ورڇ جي نظام تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي پهچ جي نظام ۾ نئين ٽيڪن??لا??ي کي متعارف ڪرايو ويو.