اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ فوتگيون ??ڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 59 فوتگيون ٿيون ??نهن مان 42 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ج?? هڪ هزار 37 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 59 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا ج?? مان 55 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 30 سيڪڙو، پشاور 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رونا ج?? مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا ج?? مان سنڌ ۾ 9 هزار 136، پنجاب ۾ 11 هزار 809، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 283، بلوچستان ۾ 546، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 185 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??ويڊ 19 جا 265 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 983 آهي.