اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخ??لف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون، مخ??لف ڌر پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿي آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌي??ن ڏينداسين، قانونسازي، سڌارن تي اسان جو ڌي??ن هوندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻيندسين، ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي?? ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪندي آهي، اسان پنهنجي سياسي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ناهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي ??رو??رام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخ??لف ڌر جي تحريڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي مقصد آهي، اهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آهن. هاڻي مخ??لف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخ??لف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم جو انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي عوام جي سامهون نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي سياست کان جان ڇڏائي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڌي??ن ڏينداسين.