اسلام آباد – 07 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو م??بت ۽ روشن تشخص روشناس ڪرائڻو آهي، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انفارميشن گروپ ۽ ميڊيا تربيت جي عمل ۾ وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ، گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ ڊومين اسپيسيفڪ مڊ ڪيريئر ڪورس جي پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.