اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناروي سيڙپڪ??ري?? واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود آهن، ناروي سيڙپڪ??ري?? واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪست??ن ۾ وڏي تعداد ۾ ناروي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آهي. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول م??ن فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي واعدي تي عملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ ت??ري??ي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪست??ن ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ راب??ا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.