لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ ??ڌا??ن تي حڪومت مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني، مخالف ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي?? مسلم ليگ (ن) ۾ قيادت جو جهيڙو آهي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر پاران ڪنهن به معاملي تي سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر سان رابطو بڻائڻ گ??رجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر کي چونڊ ??ڌا??ن تي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخالف ڌر پاران ڪو نالو اسپيڪر کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخالف ڌر کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخالف ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آهي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پارٽين جي اندر ويڙهه جاري آهي?? مسلم ليگ (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪن??و، هڪ هفتو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ٿي ته شاهد خاقان عباسي ڪري پوءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪن??و، حقيقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اندر ويڙهه، جهيڙو ۽ فساد جاري آهي، جڏهن اهو طئي ٿيندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات وا??ي وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران ڪا سنجيده ڳالهه سامهون نه اچي رهي آهي، چونڊ ??ڌا??ا، ڪا قانونسازي هجي مخالف ڌر پاران سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي پر اسان انتظار ڪنداسين.