ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آ??ي ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ ??لا??ي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪر??ار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئي کين معاش??ي جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آ??ي. چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ ٻارن جي دل جي سرج??ي جي شروعات ڪري اهم سنگ ميل عبور ڪيو آ??ي جنهن لاءِ هتان جي انتظاميه ۽ اين جي او مبارڪن جا حق??ار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ سرجري يونٽ جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي اين جي او ”تاري زمين پر“ جي سي اِي او فاديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪاري تبديليون ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گذارش ڪيان ٿي ته ا??ي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.