اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملا??ات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. ملا??ات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپ?? وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف منصوبن تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چي?? ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چي?? ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.