اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن و??ري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، اسوه ??سنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معا??رو جوڙي سگهون ٿا.
گهرو وزارت طرفان ج??ري ڪيل بيان مطابق شيخ رشيد احمد جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مذهبي، لساني، معاشرتي ۽ معاشي تعصبن کان پاڪ معاشري جو بنياد رکيو.
گهرو وزير چيو ته اسوه ??سنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معا??رو جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي اسوه ??سنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.