ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ا?? کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ س??ورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستا?? کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، اهو پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائري?? کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ت?? آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائري?? کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ت?? ان پُروقار محفل ۾ سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ت?? اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدار?? کي قرار واقعي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻه?? کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ت?? ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستا?? کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي سامهون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي ا??ا?? کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ا??ادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ت?? مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ت?? اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ت?? پاڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ س??ورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ت?? ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي ا??ازت نٿو ڏي.