اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ پا??ست??ن جي مجموعي ترقياتي حڪمت عملي جو هڪ ميگا پراجيڪٽ هجڻ سان گڏوگڏ چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جو سنگ بنياد آهي، پا??ست??ن خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي نه رڳو چيني ڪمپنين پر ٻين عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ پڻ آسان بڻايو آهي، سي پيڪ تحت ڪيترائي منصوبا 2021ع ۾ پڄاڻي جي ويجهو آهن، هلندڙ سال دوران سي پيڪ ۾ سگهه به ڏسڻ ۾ آئي، صنعتي تعاون جي لاءِ جوڙيل گڏيل ورڪنگ گروپ جا ثمر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪي سنڌ ۾ ڌاٻيجي، فيصل آباد ۾ علامه اقبال خصوصي اقتصادي زون ۽ خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي جي خصوصي اقتصادي زون جي شڪل ۾ تعمير هيٺ آهن، گوادر جي خصوصي اقتصادي زون جي وسعت جي منصوبي جي لاءِ پڻ جلد حتمي منظوري ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي پهرين مرحلي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 27 پا??ست??ني ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي لاءِ چيني سفارتخاني ۾ هڪ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪوويڊ 19 جي باوجود سال 2021ع ۾ سي پيڪ ۾ نمايان اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزيراعظم ڪجهه مهينا اڳ جنهن اتر زون جو افتتاح ڪيو هو اهو ڏکڻ زون کان 35 ڀيرا وڏو آهي ۽ اهو سي پيڪ جي ترقي ۽ مستقبل جي حوالي سان پا??ست??ن جي عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ٻئي ملڪ زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. اسد عمر چيو ته جي سي سي جي 10 هين اجلاس ۾ پا??ست??ن ۽ چين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گڏجي ??م ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون آهن. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ زبردست ترقي ڪئي آهي ۽ پا??ست??ن هاڻي ان شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڏسڻ شروع ڪري رهيو آهي جيئن ته گذريل سال دوران پا??ست??ن کان ٻاهر پا??ست??ن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز جي روانگي واپار ۾ 47 سيڪڙو ۽ هلندڙ سال 38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پا??ست??ني ۽ چيني ڪمپنين جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جا سمورا شعبا وسيع ٿي رهيا آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ شروع ڪيل ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن يا مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو نه رڳو پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جي معيار جو ثبوت آهي پر سي پيڪ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي مضبوط ٻنڌڻ ۽ عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته بي آر آءِ واقعي تاريخي آهي ڇو ته ان جو تصور سموري انسانيت جي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ ڪيو ويو هو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته صدر شي جن پنگ جو ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ذريعي خوشحالي کي وڌائڻ جو ويزن دنيا جي لاءِ هڪ ذڪر جوڳو نمونو آهي. اسد عمر ڪوويڊ 19 وبائي مرضن دوران پا??ست??ن جي حمايت ڪرڻ تي چين جي ساراهه به ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جا مخالف نه رڳو لفظن ذريعي سي پيڪ جي مخالفت ڪري رهيا آهن پر دهشتگردي جي سرپرستي به ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پا??ست??ن موثر حفاظتي قدم کڻي رهيو آهي ۽ دهشتگردي جي ??اررواين سان سي پيڪ جو ڪو منصوبو متاثر نه ٿيو آهي. ان کانسواءِ وزيراعظم چيني منصوبن ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي. وفاقي وزير سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ پا??ست??ني عملي کي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته چيني ڪمپنين ڏٺو هوندو ته پا??ست??ني پيشيوار ماڻهن جو معيار دنيا وانگر سٺو آهي ڇو ته اهي محنتي ۽ سکڻ جا خواهشمند آهن. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ پا??ست??ن جي مجموعي ترقياتي حڪمت عملي جو هڪ ميگا پراجيڪٽ هجڻ سان گڏوگڏ چين ۽ پا??ست??ن جي وچ م اقتصادي لاڳاپن جو سنگ بنياد آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سي پيڪ معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد منصور چيو ته هي سال چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ متحرڪ وڌندڙ سفارتي لاڳاپن جو 70 هون سال آهي. اڳ ۾ اهي ٻطرفن لاڳاپن تائين محدود هئا پر هاڻي اها ڊگهي مدي واري اقتصادي حصيداري آهي. هن چيو ته وبائي مرضن جي ??ري پوري دنيا ۾ زندگي جو ڪاروهنوار درهم برهم ٿيڻ جي باوجود ٻنهي ملڪن جي مضبوط گڏيل عزم جي ??ري سي پيڪ منصوبن کي ڪنهن رڪاوٽ کي منهن نه ڏيڻو پيو. ان موقعي تي ترقي ۽ سڌارن بابت چيني ڪميشن جي ??ائريڪٽر جنرل اينگ شيونگ چيو ته چين جي ترقي پا??ست??ن جي مفاد ۾ آهي ۽ اها چين جي مخلصاڻي اميد به آهي ته پا??ست??ن پنهنجي خوشحالي جي لاءِ مستحڪم ترقي مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي پا??ست??ن ۾ چين جي سف??ر نونگ رونگ چيو ته هن سال چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 70 هين سالگرهه آهي. وبائي چئلينج جي باوجود سي پيڪ منصوبي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن سال دوران سي پيڪ سدائين اسان جي ٻنهي ملڪن جي ??يان جو مرڪز رهيو آهي. هن ٻڌايو ته 26 آڪٽوبر تي چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران سي پيڪ جي منصوبي کي گڏجي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جنهن تحت زراعت، ڊيجيٽل اڪانومي ۽ عوام جي بهتر معيار زندگي کي فروغ ڏنو ويندو، جنهن سان مقامي ماڻهو ڀرپور فائدو کڻندا. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن صحت، صنعتي، واپاري، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي جامع تعمير جي پنهنجي عزم کي ورجايو ته جيئن سي پيڪ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ هڪ عملي منصوبي طور بڻائي سگهجي. هن چيو ته جي سي سي جو 10 هون اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، جنهن مستقبل جي تعاون جون راهون متعين ڪيون ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعت تي هڪ ٻئي گڏيل ورڪنگ گروپ جو اضافو ڪيو، جنهن سان تعاون جي وسيع امڪانن جا نوان شعبا کليا آهن. سف??ر چيو ته وزيراعظم عمران خان سي پيڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پا??ست??ن جي حڪومت سي پيڪ جي مسئلن کي ٺوس ۽ حل ڪرڻ جي لاءِ چين پا??ست??ن لاڳاپن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ سي پيڪ جي لاءِ خصوصي ويزا پاليسي متعارف ڪرائي. حفاظتي قدمن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ پرڏيهي قومي سلامتي سيل قائم ڪيو. انهن عملي قدمن سي پيڪ جي ترقي ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??ڏيل ڪوششن سان مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائين پا??ست??ن کي اي سي – ڊي سي پاور گرڊ جي هڪ نئين دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ گوادر ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ مڪمل ٿيو.