اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي واپاري بورڊ جي ميمبر لارڊ ڊينيئل حنان ملاقات ڪئي، پنجاب جو گورنر محمد سر??ر پڻ ا?? موقعي تي موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب لارڊ حنان وزيراعظم عمران خان پاران ماحولياتي تحفظ جي لاءِ شروع ڪيل قدمن، سرسبز پاڪستان جي لاءِ سندس ويزن، خاص طور تي 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي، نيشنل پارڪس ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي پ??ري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، لارڊ ڊينيئل پنجاب جي گورنر محمد سر??ر جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آهي.