گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان ??ائدو کڻڻ ?? بليو اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ وا??ار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان ??اڪستان جي معيشت تي مثبت ا??ر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪانومي مان ??ائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان ??ا??ار لاءِ رابطي رستن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، علائقائي رابط ۽ وا??ار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي رستي گوادر بندرگاهه تائين وا??ار جي لاءِ بي چين آه??، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان اسان جي معيشت تي بهترين ا??ر پوندا. صدر چيو ته پاڪستان 40 لک افغان ??ناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي خلاف اسان جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان ??ه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سموري فورسز ملڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان ??ڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪيترائي ڀيرا سائبر حملا ڪيا ويا آهن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.