اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ ميڊيا ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ??رڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديق?? س??يت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيند?? س??نيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا ??هيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي صحت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج ج?? س??ولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ ج?? س??ولت فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان ميڊيا يونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪز جي تحفظ جي ??اءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون ميڊيا کي اشتهارن جي ??د ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ميڊيا مالڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊيا ورڪرز جون پگهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيند?? س??نيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي صحافين لاءِ فائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي و??لا چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا ??ه ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪيو وڃي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.