اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته عام چونڊن جي اسان جي اعل??ن تي پي ڊي ايم جي ردعمل تي حيران آهيان، جمهوري ماڻهو تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان ئي رجوع ڪندا آهن، ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي غيرملڪي سازش جو آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جون شرمناڪ منڊيون سجائي قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري. پي ڊي ايم جي ردعمل جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽس ۾ و??ير??عظم عمران خان چيو ته عام چونڊن جي اعل??ن تي پي ڊي ايم جي ردعمل تي حيران آهيان. هن چيو ته پي ڊي ايم ته آسمان سر تي کڻي ڇڏيو هو ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ۽ عوام ۾ پنهنجي تائيد ۽ مقبولي?? وڃائي ويٺي آهي ته هاڻي پي ڊي ايم چونڊن کان خوفزده ڇو آهي. و??ير??عظم چيو ته جمهوري ماڻهو تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان رجوع ڪندا آهن. هن چيو ته ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي غيرملڪي سازش ۾ آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جي شرمناڪ منڊيون سجائي اسان جو قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري.