اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي اس??حڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني ??ڻا??ڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي اس??حڪام کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم ک?? و??جايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان اس??عمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي اس??حڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ اس??حڪام جي ضامن آهي.