اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستان ??ي روايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ??ه نهايت اهم آهي، هن ??يو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ??ان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستان ??ي سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ ج?? موقعي تي يادگيري نشان ??اري ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.