مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اڄ جمعي ڏينهن آزاد ڪشم??ر ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آئيني ترميم ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن جي خلاف اڄ 5 آگسٽ ت?? رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻنهي طرفن جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ احتجاج?? ريليون ڪڍيون وينديون. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گادي واري شهر مظفر آباد ۾ سڀ کان وڏ?? ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشم??ر ۽ پاسبان حريت جي گڏيل سهڪار سان مرڪزي پريس ڪلب آڏو آزادي چوڪ کان گڏيل قومن جي مشن آفيس تائين پيادل مارچ ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي نالي ڀارتي ظلمن ۽ معصوم ڪشميرين جي قتلام، دنيا جي ڊگهي ترين لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي لاڳو هجڻ تي احتجاجي ميمورنڊم پيش ڪندي. ريلي جي قيادت آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌ?? اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، پاسبان حريت جو چيئرمين عزيز احمد غزالي، پيپلزپارٽي جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير، وائيس چيئرمين مشتاق السلام ڪندا. پارٽي صدر چوڌري محمد ياسين، سيڪريٽري جنرل فيصل ممتاز راٺوڙ، آزاد ڪشمير، پناهگيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ قائم تنظيمن کي ڀرپور احتجاج?? ريليون ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.