اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين ايشيا پيسف ريجن سيمينار جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن ٽي پلينري سيشن ٿيا، جنهن جي صدارت پائيدار ترقياتي هدفن جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خ??رش??د عالم ڪئي، پهرين پلينري سيشن ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڪارروائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سڀني ??يشيائي ملڪن جي نمائندن جي راءِ جي روشني ۾ سيمينار جي پڌرنامي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ معاملن جو جائزو ورتو ويو. اهڙي طرح پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽري مڪينزم ۽ پريڪٽسز ڪو انسٽيٽيوشنلائيزڊ ڪرڻ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪنوينر پارلياماني ٽاسڪ فورس رومينه خ??رش??د عالم نمائندن کي سيمينار جي پهرين ڏينهن جي ڪارروائي جو خلاصو پيش ڪيو. پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوالي سان پارليامينٽري مڪينزم ۽ پريڪٽسز ڪو انسٽيٽيوشنلائيزڊ ٺاهڻ جي حوالي سان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. ٻارن جي حقن ۽ گهٽ عمر جي شادي جي حوالي سان پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ ڪرڻ واري قانونسازي جي حوالي سان نمائندن کان آگاهه ڪيو ويو. آءِ پي يو جي پروگرام انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ پروگرام بابت پروگرام مئنيجر اليگزينڊر ابلاگو جيوڪ ڳالهائيندي چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد بهتر طريقن کي هڪ ٻئي سان متعارف ڪرائڻ آهي. هن چيو ته سيمينار جو انعقاد 2016ع کان ڪيو پيو و??ي. سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي قومي اسيمبلي ??ار??ن موسمياتي تبديلين جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ پلينري سيشن جي ڪنوينر رومينه خ??رش??د عالم ميمبر ملڪن جي نمائندن ??ار??ن اٿاريل سوالن جا جواب ڏنا. ميمبرن ??ار??ن پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانونسازي جي حوالي سان ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي ميمبر فنانس ۽ اڪنامڪس فيئر ڪميٽي، نيشنل پيپلز آف چائنا ڪائي لنگ سيمينار کي ورچوئل خطاب ڪيو.