ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين، اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، ه??ءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ ل??ءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدرآباد موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوب??ئي وزير، اين ايچ اي اختياريون، موٽروي پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي ح??وم?? جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اين ايچ اي اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايچ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوب??ئي ۽ قومي شاهراهه شديد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوب??ئي شاهراهن جي بحالي اين ايچ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ ل??ءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ ل??ءِ صوب??ئي ح??وم?? جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪوششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ه??ءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ ل??ءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.