اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قومي ادارن جي خلاف عم??ان خان جي مهم جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قانون کي جواب ڏيڻو پوندو، عوام کانپوءِ سازشي هاڻي ادارن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيرا??ظم قومي ادارن جي خلاف عم??ان خان جي مهم جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته رنگي هٿ پڪڙيو ويندڙ چور هاڻي ادارن کي بدنام ڪري پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچڻ چاهي ٿو. عوام کانپوءِ سازشي هاڻي ادارن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته سفارتي سائفر ۾ ڦيرڦار ڪري قومي سلامتي سان کيڏيو ويو، قانون کي منهن ته ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قانون کي جواب ڏيڻو پوندو. وزيرا??ظم چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، مقبول هجڻ جو مطلب قانون کان مٿانهون هجڻ ڪيئن ٿي ويو؟ توهان جي آڊيو ليڪس پاڪستان جي مفادن جي خلاف سنگين سازش بي نق??ب ڪري ڇڏي.