اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪجهه اقتدار جا بکيا سياستدانن نوجوانن کي پنهنجي تعصباڻي اي??نڊ?? جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، نوجوانن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي، حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ ان ڏس ۾ تمام گهڻن قدمن جو اعلان ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومون نوجوانن سان مضبوط ٿينديُون آهن ۽ انهن ??ي صلاحيتن سان مستقبل جو تعين ٿيندو آهي، نوجوانن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي اقتدار جي بکين سياستدانن نوجوانن کي پنهنجي تعصباڻي اي??نڊ?? جي لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب نه ٿا سمجهن جيڪا بدقسمتي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ اسان جي حڪومت نوجوانن جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا هيا ۽ گذريل ڏينهن ۾ به حڪومت نوجوانن کي بااختيار ??ڻا??ڻ لاءِ ڪيترائي قدم ??رو?? ڪيا آهن جنهن جي ذريعي هو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿيندا، اها اڃان ??رو??ات آهي ايندڙ ڪجهه هفتن ۽ مهينن ۾ حڪومت نوجوانن جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻندي.