اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻ?? چيني صدر جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته اڳوڻ?? چيني صدر جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخلصاڻيون دعائون اڳوڻي صدر جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چيني عوام سان گڏ آهن. صدر عارف علو?? چيو ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳوڻي صدر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي س??حن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو، جيانگ زيمن پاڪستان جو هڪ عظيم ۽ بااعتماد دوست هو. هن چيو ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا، سي پيڪ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪرڻ سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چين جي فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. بعد ۾ پاڪستان ۽ چين جي س??ڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ صدر چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تيزي س??ن تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.