اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته منهنجي صحبت پور دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ??نه?? کي اهو احساس ڏيارڻ هو ته آئون ۽ منهنجي حڪومت ??نه?? جي بحالي لاءِ سرگرم عمل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جو ڪيس دنيا آڏو رکندس. هن چيو ته مون پنجاب ۾ قائم دانش اسڪولن جي ط??ز تي بلوچستان ۾ جديد سهولتن سان ليس 12 نئين دانش اسڪولن جي قيام ج?? اعلان ڪيو آهي، اهي اسڪولز غريب ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ٻارن جي لاءِ علم ۽ هنر ۽ ترقي جون نيو?? راهون ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.