اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اق??صا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائو??سل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو 23 ۽ 24 جنوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جو موضوع ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائو??سل جي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائن??ن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائو??سل آف منسٽرز اق??صا??ي تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي، جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اق??صا??ي تعاون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائو??سل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو، پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اق??صا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پ??عز?? آهي، جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خصوصي ڌيان سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.