اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي هر قسم جي مڪمل خاتمي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پُختي عزم جو اظهار ڪندي مل?? جي سمورين سياسي قوتن تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردن جي خلاف قومي ات??اد?? يڪجهتي ۽ هڪ آواز ٿيڻ وق?? جي ضرورت آهي، سياسي ورڇ ۽ رنجشن کي هڪ طرف رکندي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ ٿين ۽ ??تف??ه طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ا??جنڊا تي گڏ ٿين. وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ٿيندڙ اجلاس ۾ پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي خلاف ??تف??ه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا پاڪستان جي عوام ۽ ان جي چونڊيل حڪوم?? جي نمائندگي ڪندي 30 جنوري 2023ع تي پوليس لائينز پشاور جي مسجد ۾ دهشتگردي جي ڏکوئيندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سمورن متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪري ٿي. پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي، پونئيرن کي صبر ۽ زخمين کي صحت ڏي. وفاقي ڪابينا واضح ڪري ٿي ته الله تعاليٰ جي گهر ۾ سجدو ڪندڙ مسلمانن کي نشانو بڻائيندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي ا??سان سڏرائڻ جا حقدار آهن، قرآن ۽ سنت ۽ پاڪستان جي ا??م عالم سڳورن جي ??تف??ه راءِ جي روشني ۾ اهڙا واقعا حرام ۽ اسلام جي حڪمن جي واضح خلاف آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا پنهنجي پڪي عزم ۽ ارادي جو اظهار ڪري ٿي ته دهشتگردي جي هر قسم جو مڪمل خاتمو ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستانين جي ر?? جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين. خيبرپختونخواهه جي پوليس ۽ ”ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ“ جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي، معياري تربيت، جديد هٿيارن سميت ضروري ساز۽ سامان جي فراهمي جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچي سگهجي. ڪابينا مل?? جي سمورين سياسي قوتن تي زور ڏنو ته دهشتگردن جي خلاف قومي ات??اد?? يڪجهتي ۽ هڪ آواز ٿيڻ وق?? جي ضرورت آهي. سياسي ورڇ ۽ رنجشن کي هڪ طرف رکندي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ ٿين ۽ ??تف??ه طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ا??جنڊا تي گڏ ٿين ته جيئن قومي دفاع، سلامتي ۽ امن ۽ معيش?? جي گهرجن جو موثر انداز ۾ تحفظ يقيني ٿي سگهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي چيني صدر ۽ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.