بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪاري طور تي اعلان ڪيو ??هي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ گر??پ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي باقاعده بريفنگ دوران چيو ??ه چين تڪراري علائقن ۾ گر??پ 20 اجلاسن جي ڪنهن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿيل گر??پ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀ??رتي حڪومت 22 کان 24 مئي دوران والاريل ڪشمير جي گر??ائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گر??پ 20 اجلاس منعقد ڪري رهي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري خطي ڄمو ڪشمير ۾ گر??پ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي س??ي ريت ڀڃڪڙي آهي.