راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ??اپ??ري برادري ??صو??ي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل ڪوششن سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خلاف آگاهي ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي، ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ??اپ??ري برادري وڏي اهميت رکندي آهي، بر??سٽ ڪينسر جي حوالي سان ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف ٿيندڙ آگاهي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو فروغ وقت جي ضرورت آهي ڇو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ۽ علاج سان ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو. عورتن کي گهرجي ته جسم ۾ ڪنهن به غيرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. وومين امپاورمينٽ هڪ خوش آئنده عمل آهي، جيڪو جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته آگاهي سان بر??سٽ ڪينسر کان بچاءُ جا امڪان 90 سيڪڙو هوندو آهي، ڏورانهن علائقن ۾ به بر??سٽ ڪينسر جي تشخيص جي سه??لت جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه عارف علوي ??صو??ي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ اسان جي ڌيان جا مستحق آهن، حڪومتي سطح تي ??صو??ي ماڻهن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ??صو??ي ماڻهن جي بحالي، ڀلائي ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري جي سڀني طبقن خاص طور تي ??اپ??ري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نجي شعبو ۽ اين جي اوز به ??صو??ي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا م??صو?? ڪري. حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ ??صو??ي ماڻهن کي به پاڻڀرو ڪرڻ بابت سنجيده قدم کڻي رهي آهي. ??صو??ي ماڻهن کي قرض جي فراهمي سان گڏوگڏ انهن جي مالي معاونت جو سلسلو به جاري آهي. پاڪستان دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي، نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچائين. گڏيل ڪوششن سان ذهني صحت، مختلف قسمن جي جسماني معذوري ۽ بر??سٽ ڪينسر جي بچاءُ جي حوالي سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.