اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اڄ مون عمران خان جي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻئي عمران خان جي گرفتاري، ان جي صحت ۽ سلامتي بابت پريشان هيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ثمينه عارف علوي چيو ته عمران خان جي آزادي تائي?? ماڻهو پرامن احتجاج ڪن. هن چيو ته مون انهن کي ??نهنجي ۽ صدر پاران فڪرمندي، نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو پيغام ڏنو. مون انهن کي ??قين ڏياريو ته صدر، عمران خان جي صحت ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششون ??ري رهيو آهي.