اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يونان جي پرڏيهي وزير واسليس ڪاسڪريلس سان ٽيليفون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير پنهنجي يوناني هم منصب سان يونان جي سمنڊ ڪ??ار?? ٻيڙيءَ جي افسوسناڪ حا??ثي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مصيبت ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت ۽ برآمد ٿيندڙ لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي وطن واپسي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.