مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ اڱاري تي اد?? ڪيو ويندو. سڄي دنيا مان حج جي فرض جي اد??ئگي لاءِ ڀلي پار پهتل حاجي ع??فا?? جي ميدان ۾ حج جي سعدات حاصل ڪندا. سعودي حڪومت الله پاڪ جي مهمانن جي ميزباني ۽ آساني لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حج جو رڪن اعظم وقفوه عرفه اج اڱاري تي ٿيندو. منيٰ مزدلفه ۽ ع??فا?? جي ميدانن ۾ حج جي رڪنن جي اد??ئگي لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويا آهن. هر هنڌ حاجين جي رهنمائي لاءِ سعودي حڪومت طرفان فوج، پوليس ۽ رضاڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي 40 هزار ڪمانڊر، هڪ لک 25 هزار اهلڪار، 40 هزار ٽريفڪ پوليس جو عملو، سعودي عرب جي حج واري وزارت جا 95 هزار ملازم، شهري دفاع جا 17 هزار، حرمين ڪميٽي جا 10 هزار اهلڪار ۽ سعودي عرب جي يونيورسٽين جا 25 هزار شاگرد به حج جي خدمتن لاءِ شامل هوندا. ڊرون جهازن سميت هيليڪاپٽرن ذريعي به حج جي رڪنن جي اد??ئگي جي موقعي تي خاص نگراني جو اهتمام ڪيو ويو آهي. 160 کان وڌيڪ ملڪن جا اٽڪل 30 لک حج پانڌيئڙا اڄ اڱاري تي فجر جي نماز جي فورن بعد حج جي فرض جي اد??ئگي لاءِ ع??فا?? جي ميدان پهچندا. ع??فا?? جي ميدان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٿيندو ۽ سمورا حاجي سڳورا ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ اد?? ڪندا. عصر ۽ مغرب وچ ۾ وقوف ٿيندو جنهن ۾ حاجي سڳورا الله جي حضور ٻاڏائي دعائون گهرندا. مغرب جي نماز کان اڳ ع??فا?? جي ميدان کي ڇڏڻ جو حڪم آهي. حاجي سڳورا ع??فا?? جي ميدان مان مزدلفه لاءِ روانا ٿيندا، اتي پهچي مغرب ۽ عشا جي نماز گڏ اد?? ڪندا ۽ شيطان کي پٿريون لڳائيندا. ??ات مزدلفه ۾ کليل آسمان هيٺ ترسڻ بعد فجر جي نماز جي اد??ئگي بعد منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ واپس ايندا جتان شيطان کي پهرين ڏينهن پٿريون هڻڻ لاءِ جم??ات ڪامپليڪس روانا ٿيندا. شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ ايندا جتي قرباني بعد وار ڪترائي احرام کوليندا. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ جم??ات ڪامپليڪس ويندا ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿريون لڳائي مڪي پاڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهن ڏانهن واپس ايندا. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ حج جو لاز??ي رڪن آهي. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ دوران حاجين کي ڪنهن به وقت مڪي پاڪ ۾ طواف جي زيارت لاءِ وڃڻ به حج جو لاز??ي رڪن آهي.