اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس ??ي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ان جي فروغ جي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس ??ي او اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين ??رب??اهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ??رب??اهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ايس ??ي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چي?? ته شنگهائي تعاون تنظيم کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چي?? ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ کي معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چي?? ته اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چي?? ته پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چي?? ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چي?? ته پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس ??ي او اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏن?? ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي دهشتگردي جي خلاف پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته دهشتگردي جي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇ?? ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سيا??ي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته دهشتگردي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چي?? ته خطي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏن?? ته اها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چي?? ته پرامن ۽ مس??حڪ?? افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چي?? ته ايس ??ي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماحولياتي تبديلي کي اهم مسئلو قرار ڏيندي چي?? ته عالمي برادري کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چي?? ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عالمي مسئلو قرار ڏيندي چي?? ته غربت جي خاتمي لاءِ به عالمي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.