اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان ??لس??ي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ ا??له?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپن??ي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا ويندا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ويا آهن. سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻ??ا ماحول دوست ٻ??ٽا هنيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسان سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.