اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪا??ت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار جي خلاف ڪم جي ج??هه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي خلاف عورت آفيس?? ڪم جي ج??هه تي هراسمينٽ ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري ج??هه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ ??پو??ٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪا??ت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صد?? ڪميٽي کي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خلاف عورت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ان کي به رد ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ ??پو??ٽ محتسب کي پيش ڪئي. ??پو??ٽ ۾ چيو ويو ته شڪا??ت ڪندڙ عورت جوابدار جي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ??پو??ٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شڪا??ت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آفيسر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي شڪايت محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪا??ت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي ج??هه تي عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.