اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ ??وش??الي جي گڏيل مضبوط هدفن جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ پاڪ ايران ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي موقعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ايران گڏيل ترجيحن جا واضح عڪاس آهن. وزيراعظم چي?? ته ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڌيڪ چي?? ته ايران جي صدر رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، ??وش??ال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ ??وش??الي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ايران سميت ٻين اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي ??زم تي زور ڏيندي چي?? ته اهڙي قسم جي نفرت انگيز ڪاررواين جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظهار ڪرڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادرين جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته پاڪستان ايران لاڳاپا قيادت جي سطح تي متواتر مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت آهي.